امين لغاري

امين لغاري

امين لغاري

امين لغاري: ليکڪ ۽ محقق امين محمد ولد ولي محمد لغاري، 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي جون ڊگريون هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪيون. 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان. ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ هڪ سال تائين ريسرچ آفيسر ٿي رهيو. ’فرنٽيئر پوسٽ‘ حيدرآباد بيورو ۾ صحافت جي عملي سکيا حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزي اخبار ”سنڌ ايڪسپريس“ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف ٿي رهيو. 1992ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ پبليڪيشن ڪوآرڊينيٽر، پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر /ڊپٽي ڊائريڪٽر پبليڪيشن اينڊ ريسرچ طور ترقي حاصل ڪئي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ ملازمت دوران هن اداري جي ’تحقيقي جرنل‘، ’خبرنامي‘ ۽ مختلف وقتن تي شايع ٿيل سووينئرس جي تياريءَ ۾ ايڊيٽر ۽ سھڪاري طور اهم ڪردار ادا ڪيو. اداري جي پروگرام آفيسر ۽ پبلڪ رليشن آفيسر طور هن اداري جا ڪيترائي اهم پروگرام ۽ ڪانفرنسون ڪرايون. مختلف وقتن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون اضافي ذميواريون به سندس حوالي رهيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جديد صحافت‘، ’دنيا جون مشھور شخصيتون (ترجمو)‘، ’پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت‘، ’ماس ميڊيا‘ ۽ ’سنڌي ٻولي‘ قليچ بيگ نمبر (تاج جويي سان گڏ ترتيب) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.06.07  عيسوي

امين لغاري 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري ، تعلقي سنجهوري ، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا صوفي
ڌرمو رام
ابراهيم بلوچ
پير تراب علي شاهه
انيلا ابڙو 2
ظفر لغاري
تلوڪ تلسياڻي
ڄام سيف الله ڌاريجو:
ڀڳت کيمچند آسناڻي
جانڻ سونارو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون